عرب ڪوڪو

عرب ڪوڪو: ارغون- ترخان دور جو امير ٿي گذريو آهي. هن جو پهريون ڀيرو ذڪر مرزا جاني بيگ جي احوال ۾ ملي ٿو. مرزا جاني بيگ ۽ سندس چاچي مرزا مظفر ترخان ۾ جنگ ٿي. جاني بيگ هي جنگ کٽي تڏهن مختلف ماڻهن (اميرن) تي هٿ رکي، انهن جي تربيت ڏي ڌيان ڏنائين. ان ڏس ۾ عرب ڪوڪو به منظر تي ڏسجي ٿو. عبدالرحيم خانخانان سن 999هه/ 1591ع ۾، مرا جاني بيگ تي حملو ڪيو. ان وقت سال ڏيڍ جنگ هلي. ان ۾ عرب ڪوڪو، مرزا پاران زبردست معرڪا ڪيا. مرزا جاني فتح سنڌ کان پوءِ، اڪبري درٻار ۾ وڃڻ لڳو، تڏهن مرزا غازي بيگ جي تربيت ۽ سنڀال لاءِ، جن اميرن تي ڪم رکيائين، انهن ۾ عرب ڪوڪو به شامل ڏسجي ٿو. هڪ مرحلي تي مرزا غازي بيگ، هن امير تي ڏمريو، پر پوءِ معافي ڏئي آجو ڪري، وري به ملازمت تي بحال رکڻو پيس. ان دور ۾ ابو القاسم بيگلار ۽ مرزا غازي بيگ ۾ ويڙهه ٿي. ليڪن ابو القاسم کي گرفتار ڪري، عرب ڪوڪه جي ماڙيءَ ۾ قيد رکڻ جو حڪم جاري ٿيو. ابو القاسم کي مرزا جي حڪم تي انڌو پڻ ڪيو ويو هو. مرزا غازي بيگ آگري وڃڻ جي تياريءَ ۾ هو ته، ابو القاسم رات جي اونده ۾، قيد مان ڀڄي نڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. هي ٻڌي مرزا غازي خان سخت پريشان ٿيو. عرب ڪوڪو ۽ دريا خان، مرزا جي حڪم موجب جو اڃا فتح باغ ۾ هو، ابوالقاسم کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. مرزا غازيءَ کي هي اطلاع مليو ته خوش ٿي، عرب ڪوڪه ۽ دريا خان جي لاءِ رعايتن ۽ انعامن جو اعلان ڪيائين. پوءِ مطمئن ٿي درٻار ڏي هليو ويو. (تاريخ طاهري، سنڌي ڇاپو، متن، مختلف صفحا)


لفظ عرب ڪوڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو